سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد

سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد

سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد

سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد: گورنمينٽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد جو شمار سنڌ جي اوائلي ڪاليجن ۾ ٿئي ٿو. نومبر 1948ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي هٿ هيٺ سنڌ لا ڪاليج جو قيام عمل ۾ آيو. هن سوسائٽيءَ پاران ورهاڱي کان اڳ به ڪيترا هاءِ اسڪول ۽ اڪيڊميون هلنديون هيون. سنڌ لا ڪاليج جو پهريون تعليمي سال، سوسائٽيءَ جي قائم ڪيل اين. ايڇ. اڪيڊميءَ جي ڪلاس روم کان شروع ٿيو. هن ڪاليج وقت سان گڏ ترقي ڪري سنڌ جي وڏي لا ڪاليج جي حيثيت حاصل ڪئي آهي.
سنڌ لا ڪاليج مان هزارين شاگرد قانون جي تعليم حاصل ڪري وڏا وڪيل ۽ جج بڻيا آهن. پاڪستان جي موجوده چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ 73-1972ع واري بئچ ۾ هن ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. ان کان اڳ 61-1960ع واري بئچ مان اڳوڻي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جسٽس ناظم حسين صديقي، 1964ع واري بئچ مان اڳوڻي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ سيد ديدار حسين شاهه ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس غلام رباني 1966ع واري بئچ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ڪيترا نامور جج جسٽس آغا عبدالرسول، جسٽس محمد اسلم آرائين، عبدالمجيد خانزاده، جسٽس حامد علي مرزا، جسٽس امان الله عباسي، جسٽس مجيب الله صديقي، جسٽس محمد اشرف لغاري، جسٽس شمس الدين هيسباڻي، جسٽس عزيزالله ميمڻ، جسٽس ياسمين عباسي، جسٽس سائين ڏنو ميتلو وغيره به سنڌ لا ڪاليج مان پڙهيا.
هي ڪاليج سيپٽمبر 1972ع ۾ نئين تعليمي پاليسيءَ هيٺ قومي تحويل ۾ ورتو ويو. هن ڪاليج جو انتظامي وهنوار ’بورڊ آف گورنرس فار لا ڪاليجز‘ ذريعي هلي ٿو ۽ هن ڪاليج جو الحاق سنڌ يونيورسٽيءَ سان آهي.
سنڌ لا ڪاليج جي پرنسپال طور هنن شخصيتن خدمتون سرانجام ڏنيون آهن:
• خانبهادر سڪندر بيگ ايس. مرزا (20 نومبر 1948ع کان 19 جولاءِ 1953ع)
• عبدالجليل عبدالجبار (20 جولاءِ 1953ع کان 4 سيپٽمبر 1965ع)
• اي. جي. آخوند (30 آڪٽوبر 1965ع کان 10 آڪٽوبر 1966ع)
• قمبر علي بيگ مرزا (7 نومبر 1966ع کان 30 جون 1972ع)
احمد محمد قاضي (1 جولاءِ 1972ع کان 18 سيپٽمبر 1980ع)
• غلام رسول شاهه (19 سيپٽمبر 1980ع کان 9 نومبر 1985ع)
• پي. ايم. امر (10 نومبر 1985ع کان 6 اپريل 1995ع)
• محمد جميل عبدالجليل زبيدي (6 اپريل 1995ع کان 17 آڪٽوبر 1995ع)
• خواجه غلام حيدر (18 آڪٽوبر 1999ع کان 30 جولاءِ 2000ع)
• احمد علي شيخ (30 جولاءِ 2000ع کان اڄ تائين).


لفظ سنڌ لا ڪاليج حيدرآبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو